ڀڳت تيرٿ گر

ڀڳت تيرٿ گر: مشهور باجو وڄائيندڙ تيرٿ گر'>ڀڳت تيرٿ گر 1900ع ڌاري دادوءَ ۾ ڄائو. جسم جو ڀريل هوندو هو. ان ڪري بيهي توڙي هلي ڳائي نه سگهندو هو. پر ڪرسيءَ تي ويهي ڳائيندو هو ۽ ٻين جي به ڳائيندي رهنمائي ڪندو هو. هن سان گڏ هڪ ناچو ”لعل ڇُري“ گڏ هوندو هو، جنهن سان گهڻي پريت هئس. لعل ڇري ڦڪن جو ويٺل هو. پڇاڙيءَ جو لعل ڇريءَ جي ڳوٺ ڦڪن ۾ ئي سندس ديهانت ٿيو.


لفظ ڀڳت تيرٿ گرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو